اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان تمام گهڻن ڏکين مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، دهشتگردي ختم ٿي ۽ قومي معيشت ۾ بهتري پيدا ٿي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ خوشحالي ايندي ۽ استحڪام کي هٿي ملندي، وچ ايشيا سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ سي پيڪ مان غيرمعمولي اميدون هڻي رهيا آهن، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻيا سمورا قومي ادارا ان معاملي ۾ پنهنجي ذميوارين کي چڱي ريت سمجهن ٿا. اها ڳالهه هن پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ انجنيئرن سان لاڳاپيل تعليمي ادارن جي پهرين عالمي ڊينز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي.