اسلام آباد – 18 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف عدالتن ۽ ٽربيولز ۾ التوا هيٺ ٽيڪس ڪيس جلد اڪلائڻ جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌائڻ جي ه??اي?? ڪندي چيو آهي ته آڪٽوبر 2024ع تائين هر ٽيڪس ڏيندڙ جي لاءِ سنگل سي??ز ٽيڪس سسٽم لاڳو ڪيو وڃي، ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، گذريل چئن مهينن ۾ ٽيڪس ريفنڊز ۾ 800 ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو آهي، ٽيڪس ريفنڊز جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان چار ڪلاڪ ڊگهو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کي ان لينڊ روينيو ۽ ڪسٽمز ۾ سڌارن، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان گذريل 8 هفتن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جو عمل عالمي شهرت رکندڙ ڪنسلٽنٽ ميڪ ڪينزي جي نگراني هيٺ ڪيو پيو وڃي، ايف بي آر ڊيجيٽائيزيشن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل چئن مهينن ۾ ٽيڪس ريفنڊز ۾ 800 ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو ويو، ٽيڪس ريفنڊز جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، ايف بي آر ۾ سڌارن سان اوڳاڙين ۾ اضافو ممڪن آهي، سڌارن جي حوالي سان ايف بي آر جي ڪيترن ئي منصوبن ۾ غيرضروري دير انتهائي افسوسناڪ آهي. ايف بي آر پاران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مختلف عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ ٽيڪس جي حوالي سان 3.2 کرب رپين جا 83579 ڪيس التوا هيٺ آهن، موجوده حڪومت جي هيستائين جي دور ۾ ٽيڪس ڪيسن جي حل جي لاءِ مختلف قدم کنيا ويا آهن، گذريل چئن مهينن دوران مختلف عدالتن پاران اٽڪل 44 ارب رپين جا 63 ڪيس اڪلايا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس ڏيڻ جي سگهه رکندڙ 49 لک ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، پهرين اپريل 2024ع کان هيستائين ايف بي آر واپاري دوست موبائيل فون ايپلي ڪيشن جي ذريعي ڏيڍ لک ريٽيلرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. وزيراعظم ه??اي?? ڪئي ته انهن 49 لک ماڻهن ۾ دولتمند ۽ سرمائيدار کي ترجيحي بنيادن تي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ غريب طبقي تي واڌُو بار نه وڌو وڃي، ان نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ ريٽيلرز سان مشاورت جاري رکي وڃي. وزيراعظم ٽيڪس ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌائڻ ۽ ڪسٽمز جي ڪيسن جي حوالي سان پڻ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ وڌائڻ جي ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم ٽيڪس اپيليٽ ٽربيونلز جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان ڊيش بورڊ تيار ڪرڻ جي پڻ ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم چيو ته سي??ز ٽيڪس ريفنڊز جي ادائيگي ۾ ڪا دير برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم ه??اي?? ڪئي ته سي??ز ٽيڪس جي حوالي سان ماضي ۾ ڪيل غيرقانوني ريفنڊز جي واپسي جي لاءِ فوري حڪمت عملي ٺاهي وڃي. وزيراعظم ه??اي?? ڪئي ته ايف بي آر جي فراڊ ڊيٽيڪشن اينڊ انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ کي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪرڻ، ايف بي آر ۾ جاري سمورن سڌاراجاتي منصوبن کي هڪ مرڪزي نظام تحت آڻڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان جديد ترين ٽيڪنالاجي ۽ بهترين افرادي قوت جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. وزيراعظم ه??اي?? ڪئي ته ڪسٽمز جي نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ جي حوالي سان فنڊز جي فراهمي ۾ ڪا دير نه ٿيندي جڏهن ته ايف بي آر فوري طور تي نئين نظام جي سافٽ ويئر ڊيزائن ۽ لاڳو ڪرڻ جي حڪمت عملي پيش ڪري، پاڪستان روينيو آٽوميشن اٿارٽي ۾ سڌارن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انٽيگريٽيڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم منصوبو آڪٽوبر 2024ع کان لاڳو ٿي ويندو، آءِ ٽي ٽي ايم ايس تحت طورخم ۽ چمن جي پاڪ افغان بارڊرز تي واپار جي حوالي سان عالمي معيار جا ون ونڊو سهولت مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، ڪسٽمز آٽوميٽيڊ اينٽري ايگزٽ سسٽم جي تياري جي حوالي سان ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي، اي اي اي ايس جديد ترين اسڪيننگ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نظام هوندو جيڪو ويب بيسڊ ون ڪسٽمز ۽ پاڪستان سنگل ونڊو سان واڳيل هوندو، شروعاتي طور تي اي اي اي ايس کي ڪراچي جي چئني بندرگاهن، ڪراچي، ملتان ۽ پشاور جي هوائي اڏن تي لاڳو ڪيو ويندو. وزيراعظم گوادر بندرگاهه ۾ پڻ اي اي اي ايس نظام کي لاڳو ڪرڻ جي ه??اي?? ڪندي چيو ته آڪٽوبر 2024ع تائين هر ٽيڪس ڏيندڙ جي لاءِ سنگل سي??ز ٽيڪس سسٽم کي لاڳو ڪيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت لاءِ سنگل سي??ز ٽيڪس ريٽرن نظام آندو پيو وڃي، ٽيلي ڪام سيڪٽر مان اهو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي، سنگل سي??ز ٽيڪس جي ذريعي ايف بي آر سڄي ملڪ جي روينيو اٿارٽيز سان ڳنڍجي ويندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سي??ٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.