اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته پ??ڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آه??، اسان پنهنجي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪندا آه??ون، ڪنهن کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين، يقين ڏياريان ٿو ته چونڊ عمل صاف، شفاف ۽ آزاداڻو هوندو، اسان جلد چونڊ عمل ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيا آه??ون، چونڊ عمل ۾ انتظامي سطح تي ڪنهن جي حمايت يا مخالفت نه ڪئي ويندي، افغانستان ۾ استحڪام ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آه??، تحريڪ طالبان پاڪستان سميت ٻين گروپن جي پاڪستان جي خلاف افغان سرزمين جي استعمال تي ڳڻتي آه??، افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏي. ترڪ ٽي وي ”ٽي آر ٽي“ کي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ (ن) يا پيپلزپارٽي سميت هر سياسي پارٽي جي سياسي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائينداسين. جيستائين پرامن احتجاج جو تعلق آه?? ته اهو هر ڪنهن جو حق آه?? جڏهن ته پ??تشدد احتجاج ڪنهن به طور تي قابل قبول نه آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊ تڪبنديون اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آه??. جيڪڏهن اسان قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي ان تي عمل به ڪرڻو پوندو. چونڊ تڪبندين تي اعتراض اڳوڻي پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي وقت ٿي سگهيا ٿي ۽ اهو ئي ان جو صحيح فورم هو. اسان کي قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪرڻي آه??. جيڪڏهن آئين اسان کي نئين تڪبندين جو چوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرائڻ جي پابند آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ??ڪستان سميت هر ملڪ جي سياسي ڪلچر ۾ سازشي ٿيوريون گردش ڪنديون رهنديون آه??. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت هٽائڻ جي حوالي سان مداخلت جي الزامن جي پاڻ آمريڪا واضح ترديد ڪئي آه??. ڪجهه وقتن تي سياستدان عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙو موقف اختيار ڪندا آه??. هن چيو ته اسان هڪ خودمختيار ملڪ آه??ون. ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ڪا به ٻاهرئين طاقت پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. پنهنجي مفاد کي نظر ۾ رکنداسين. پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت کي اقتدار کان جدا ڪرڻ جي حوالي سان نگران وزيراعظم چيو ته آئين ۾ ڪنهن حڪومت کي ٺاهڻ ۽ ان کي هٽائڻ جي حوالي سان طريقو لکيل آه??، پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان ڪم جي لاءِ آئيني رستو اختيار ڪيو ويو. ان جي لاءِ اهو سڄو عمل آئيني هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بدقسمتي سان ٽي چار ڏهاڪن کان اسان جي سويلين ادارن جي ڪارڪردگي سٺي نه رهي. صحت، تعليم، يڪس وصولي يا قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ سميت مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي جي حوالي سان اسان کي چئلينجز درپيش رهيا آه?? ۽ اسان کي مجبوري ۾ فوج جهڙي منظم اداري کان مدد طلب ڪرڻي پوي ٿي. هن چيو ته گورننس سميت پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ جي لاءِ اهو سڀ کان آسان رستو آه?? ته ان جو ذميوار ڪنهن ٻئي کي قرار ڏنو وڃي. اسان کي سويلين ادارن جي صلاحيت وڌائڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ نيٽو فوج ڪيتر?? ئي سالن تائين موجود رهي، انهن هتي 2 ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا پر ان جي باوجود ڪيترائي مسئلا اڄ به موجود آه?? ۽ 15، 16 سالن کان افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردن جي حملن جي لاءِ استعمال ٿي رهي آه??. اسان ان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون ۽ اسان ان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آه??. 20 سالن تائين آمريڪا ۽ اتحادي فوج افغانستان ۾ پنهنجو وقت ۽ وسيلا استعمال ڪيا ان جي باوجود سينٽرل اٿارٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. اتي هن وقت به مختلف تشدد پسند گروپ موجود آه?? جن جو خاتمو پاڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل مفاد ۾ آه??. پاڪستان سرحد پار کان دهشتگردن جي حملن کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي سيڪيورٽي قدم کنيا آه??. تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان جي خلاف پرتشدد ڪاررواين جي لاءِ افغانستان جي زمين ۾ استعمال ڪري ٿي جنهن تي اسان کي ڳڻتي آه??. اسان افغان عبوري حڪومت سان اهو معاملو اٿاريندا رهيا آه??ون. پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي حفاظت جي لاءِ هر قدم کڻنداسين. پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آه??. پاڪستاني واحد قوم آه?? جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون آه??. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ??ڪستان ڀارت سان لاڳاپن کي مختلف ڏس ۾ ڏسي ٿو. پاڪستان کي معاشي مسئلا درپيش رهيا آه?? ته ڀارتي حڪومت به معاشي مسئلن جو شڪار آه??. هن يقين واري انداز ۾ چيو ته پ??ڪستان جو مستقبل روشن آه??.