اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڏکڻ وزيرستان انگور اڏا ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙ برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪيءَ کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال قوم جو هيرو آهي. پنهنجي ب??ان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهيد جي گ??رڀ??تين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف پوري قوم هڪ آهي، پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهي. هر شڪل ۽ هر صورت ۾ موجود ??هشتگردي پاڙ کان ختم ڪنداسين. هن چيو ته الله تعاليٰ شهيدن کي ب??ند مقام عطا فرمائي، گ??رڀ??تين کي صبر ڏي. اطلاعات واري وزير زخمي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.