ماسڪو- 20 آگسٽ (اي پي پي) روس چيو آهي ته اسان آمريڪي فلم اسٽار جارج ڪلوني ۽ سندس گهرواري امل جي فائونڊيشن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي . اها تنظيم روس کي بدنام ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪم ڪندي آهي. پرڏيهي اداري مطابق گذريل ڏينهن روس جي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته انصاف بابت سرگرمين واري ڪلوني فائونڊيشن کي اسان جي ملڪ جي ڌرتي تي اڻوڻندڙ قرار ڏنو ويو آهي. اها تنظيم روس کي بدنام ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوڙن محب وطن ماڻهن ۽ ڪالعدم دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروهن جي ميمبرن کي فعال ڪرڻ جي ڪم جي حمايت ڪندي آهي. هن چيو ته هو هالي وڊ جي اداڪارن ۽ ڪارڪنن جي فن جي صلاحيتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا پر انساني همدردي جي آڙ ۾ اهي روس جي اختيارين خلاف مجرماڻي جاچ ڪندا آهن. واضح رهي ته جولاءِ ۾ ڪلوني فائونڊيشن ٻين ڪيترين ئي غير سرڪاري تنظيمن سان گڏجي گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميٽي ۾ هڪ ڪيس دائر ڪيو جنهن ۾ روس تي الزام لڳايو ويو ته هن 2022ع ۾ وينيتيسيا تي ميزائيل حملي ۾ مارجي ويل يوڪرين جي شهرين خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.