GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم جي نئين پاڪستان هائوسنگ منصوبي ۽ تعميراتي شعبي لاءِ مراعاتي پئڪيج جي پذيرائي

image

اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ بي گهر غريب ماڻهن جي لاءِ 50 لک گهرن جي تعمير جي هڪ ٻئي وڏي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي زبردست پذيرائي حاصل ڪئي آهي. هو پنهنجي هم عصر ماڻهن ۾ هڪ اهڙي خواب کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌيو جنهن بابت سندس مخالف رڳو سوچي سگهندا هئا. ملڪ ۾ بلڊر ڪميونٽي نئين پاڪستان هائوسنگ پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جي ڪردار کي ساراهيو آهي. وزيراعظم جي ٻن سالن دوران اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ اهو پروگرام هاڻي تيار آهي ۽ بلڊرن 50 لک گهرن جي تعمير جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن ۾ هٿ ونڊائڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ۽ وزيراعظم جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي اجلاسن ۾ ان منصوبي تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو ۽ سندس پختي عزم جي ڪري اهو خواب هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي. سندس ڪوششن جي ڪري بلڊر ڪميونٽي ان اميد سان پروگرام کي ساراهيو ته 50 لک گهرن جي تعمير جو هدف عمل جوڳو آهي.
ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊويلپرز آف پاڪستان (آباد) جي چيئرمين محسن شيخاڻي چيو ته حڪومت پاران هائوسنگ جي شعبي کي مراعتن جي آڇ سان 50 لک گهرن جي تعمير جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. مراعاتي پئڪيج جي آجيان ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هائوسنگ جي شعبي کي ملڪ جي 70 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ صنعت جو درجو ڏنو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن شروعاتي طور تي حڪومت 10 لک گهرن جي تعمير شروع ڪري ٿي ته ان سان 25 لک ماڻهن جي لاءِ روزگار پيدا ٿيندو ۽ 40 کان 72 لاڳاپيل صنعتون بحال ٿينديون. اهو پئڪيج تعميراتي صنعت جي لاءِ ڪارائتو آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا سان سڄي دنيا ۾ اقتصادي ترقي ۾ سستي ڏٺي وئي پر اميد آهي ته هن پراجيڪٽ تي تيزي سان اڳڀرائي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندي. تعميراتي صنعت اسان جي معيشت ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي ۽ ان جي فروغ سان هائوسنگ يونٽن جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جنهن جي نتيجي ۾ لاڳاپيل صنعتون ترقي ڪنديون ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.
نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته دستاويزي عمل کي آسان بڻائڻ ۽ ڪاروباري آسانين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻين قدمن وسيلي هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت ۾ وڌيڪ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته 31 ڊسمبر تائين هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ سيڙپڪارن کان انهن جي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا. ان کان اڳ بلڊرز ۽ ڊويلپرز جي لاءِ منظوري وٺڻ مشڪل هو پر هاڻي حڪومت هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي جي سهولت لاءِ منظوري جي طريقيڪار کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. هن مختلف صنعتن جي فائدي، مجموعي اقتصادي سرگرمي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ تعميراتي صنعت کي مراعتون ڏيڻ جي حڪومتي ويزن جو پڻ حوالو ڏنو. حڪومت جي خواهش آهي ته بلڊرز ۽ ڊويلپرز ان پئڪيج مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ 31 ڊسمبر 2020ع کان اڳ پنهنجا منصوبا شروع ڪن.
هڪ اقتصادي ماهر ۽ پائيدار ترقي بابت پاليسي جي اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عابد قيوم سلهري تعميراتي شعبي کي مستقبل جي محرڪ قوت طور ڏسي رهيو آهي. هن تعميراتي صنعت جي لاءِ مراعتن کي ساراهيو جنهن سان آخرڪار غريب عوام کي فائدو ٿيندو. بلڊرز ۽ ريئل اسٽيٽ ايجنٽن پڻ ان پئڪيج کي تعميراتي شعبي جي بحالي لاءِ هڪ وڏو قدم قرار ڏنو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته حڪومتي مراعتن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد يقيني طور تي بحال ٿيندو.
ان حڪومتي قدم تي تبصرو ڪندي هڪ ناليواري پراپرٽي ڊويلپر ۽ ڪاروباري شخصيت اعجاز گوهر چيو ته گهٽ وياج جي شرح تي گهرن جي تعمير جي لاءِ هي پهريون منصوبو آهي جيڪو هيٺئين ۽ وچين طبقي جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ڪمرشل بئنڪون تعميراتي سرگرمين جي لاءِ پنهنجي پورٽ فوليو جو 5 سيڪڙو مختص ڪنديون. هن چيو ته غيررسمي غير رجسٽرڊ معيشت ۾ 20 ٽريلين رپيا گردش ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي ماڻهن وٽ 31 ڊسمبر 2020ع تائين ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري وڏي رقم کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ موقعو آهي. هاڻي گهٽ آمدني وارا غريب ماڻهو 5 سيڪڙو مورگيج فنانسنگ جي سهولت سان 5 مرلا جو گهر تعمير ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مورگيج فنانس جي شروعات 82 سال اڳ آمريڪا ۾ ٿي هئي جنهن سان ان جي معيشت بحال ٿيڻ شروع ٿي ۽ پاڪستان هوم مورگيج فنانسنگ جي حوالي سان ترقي يافته ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پٺتي هو. خصوصي پئڪيج جي اعلان کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪن جي لاءِ مورگيج قرضن ۾ توسيع ۽ ڊويلپرز ۽ بلڊرز جي لاءِ فنانسنگ جو لازمي هدف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena