اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردارادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود ??مو??ين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي پرڏ??هي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سربراه?? سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي پرڏ??هي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي سان پڻ بريف ڪيو. هن معاشي هدفن جي حوالي سان شاندار ڪارڪردگي تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ت?? سينيٽر عرفان صديقي جي قيادت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا سينيٽرز ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وفاق جي علامت هجڻ جي حوالي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود ??مو??ين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي، اڄ جي دور ۾ مضبوط پرڏ??هي پاليسي جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ت?? سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ سينيٽ جي پرڏ??هي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي هڪ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار ادا ڪندي حڪومت جي رهنمائي ڪندي.