اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) اين ڊي ايم ??ي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر مطابق موجوده سانوڻي برساتن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ڪشمور، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، عمرڪوٽ، بدين، مٺي، ٿرپارڪر ۾ وقفي وقفي سان گجگوڙ ۽ کنوڻ س??ن برسات جو امڪان آهي. جنهن سبب شهري ٻوڏ/ ڍنڍن ڍورن ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي. گذريل ڏينهن اين ڊي ايم ??ي طرفان جاري بيان ۾ چيو ??يو ته انهن امڪاني اثرن کي نظر ۾ رکندي هيٺاهين وارن علائقن جي رهواسين کي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال سان ??نهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تيار مڪمل ڪئي وڃي ۽ مقامي اختياريون هدايتن تي عمل ڪن. بيان ??طابق عوام فوري الرٽس لاءِ پاڪ اين ڊي ايم ??ي ڊيزاسٽر الرٽ موبائيل ايپ ڊائون لو?? ڪري ۽ موسم جي رپورٽ تي گهري نظر رکي.