ڪوئيٽا – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي سيڪريٽري سهيل علي خان چيو آهي ته مثبت قومي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا جو ڪردار ان??هائي اهميت رکندڙ آهي، پي آءِ ڊي، پي ٽي و??، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي وچ ۾ موثر رابطي ڪاري کي فروغ ڏئي ان??ظامي معاملن کي آسان ۽ فراهم ڪيل سروسز ۾ وڌيڪ ??هت??ي آڻي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پي ٽي و??، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي ريجنل سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ريجنل هيڊ عبدالمنان خان پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سهيل علي خان چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ ريڊيو پاڪستان جا نوان ڊيجيٽل ٽرانسميٽر هڻڻ جا منصوبا شامل آهن، انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ريڊ??و جي ٻڌندڙن کي تصديق ٿيل معلومات تي ٻڌل معياري نشريات ٻڌڻ لاءِ ملندي. هن چيو ته بلوچستان ۾ قائم سرڪاري ميڊيا جي ريجنل آفيس جي مسئلن جو جائزو وٺي انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل ان??ظامي سربراهن کي ضروري وسيلا فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته مقامي سطح تي اسٽيٽ ميڊيا جا مقامي ذميوار گڏيل رابطي ڪاري کي موثر بڻائي دستياب وسيلن تحت لاجسٽڪ ۽ ان??ظامي معاملن کي ??هت?? بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ پي آءِ ڊي بلوچستان جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالمنان، پي ٽي و?? جي جنرل مئنيجر، ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر انيس الرحمان ۽ اي پي پي جي بيورو چيف نذر محمد بلوچ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي پنهنجي پنهنجي ادارن بابت بريفنگ ڏني.