اسلام آباد – 11 –; جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ر??جا پرويز اشرف وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي ناموس رسالت ﷺ جي معاملي تي ??ومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسپيڪر آفيس پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سومر تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڪلاڪ مختص ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ بي جي پي اڳواڻن جي غير سنجيده بيانن جي مذمت ڪئي ويندي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مخالف ڌر کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي ۽ چيو آهي ته اهو معاملو سياسي، پارٽي يا انفرادي ن??عيت جو نه آهي پر اسان جي ايمان جو معاملو آهي، ايوان سومر تي ??جيٽ تي ??حث جو آغاز ڪندو جنهن ۾ بي جي پي اڳواڻن جي غيرسنجيده بيانن جي مذمت تي ٻڌل قرارداد به منظوري ڪئي ويندي.