GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

قانون جي حڪمراني نه هجي ته چونڊن ۾ ڏوهاري ماڻهُو اڳيان ايندا آهن: وزيراعظم

image
APP06-131221 ISLAMABAD: December 13 – Prime Minister Imran Khan addressing at the opening session of "Margalla Dialogue 2021". APP

اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني نه هجي ته چونڊن ۾ طاقتور، وار لارڊز ۽ ڏوهاري ماڻهو اڳتي اچي ويندا آهن، اسرندڙ ملڪن جو پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب ڪرپشن ۽ اشرافيا جي بدعنواني آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو، ناڪامي جو ملبو به اسان جي مٿان وڌو ويو، هاڻي به افغانستان ۾ ڊگهي خانه جنگي ٿي وڃي ته ان جو سڄو الزام پاڪستان تي اچڻو هو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ڪري رهيو آهي اولهه ان تي تنقيد نٿو ڪري جيڪڏهن ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح ڪري رهيو هجي ها ته گهڻو شور مچي ها، اسان جي ملڪ ۾ اردو ميڊيم، انگلش ميڊيم ۽ ديني مدرسن جي تعليم ٽي طرح جا نظام هلي رهيا آهن، غير مساوي ترقي انتشار جو سبب بڻجندي آهي، اسان کي ٿنڪ ٽينڪس جي ذريعي اسان کي پنهنجو صحيح تشخص ۽ حقيقي موقف دنيا تي واضح ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اپليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ مارگلا ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قومون جي وچ ۾ فرق ئي قانون جي حڪمراني جو آهي، غريب ملڪن ۾ وسيلن جي کوٽ غربت جو سبب نه آهي پر قانون جي حڪمراني ئي معاشري ۾ ميرٽ ۽ تهذيب وڌندي ويجهندي آهي، جهوريت اتي ئي مستحڪم ٿيندي آهي جتي قانون جي حڪمراني هجي، جيڪڏهن قانون جي حڪمراني نه هجي ته چونڊن ۾ طاقتور، وار لارڊز ۽ ڏوهاري ماڻهو اڳتي اچي ويندا آهن، قانون جي حڪمراني اهڙي طرح جي ڏوهاري پيشيور ماڻهن کي اڳتي اچڻ کان روڪيندي آهي، وزيراعظم چيو ته بدعنواني قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي هڪ علامت آهي، اسرندڙ ملڪن جي پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب ڪرپشن ۽ اشرافيا جي بدعنواني آهي، اسان جي ملڪ ۾ تحقيق جي شعبي ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي ڇو ته تحقيق سان حقيقي سوچ وڌندي ويجهندي آهي ڇو ته جيڪڏهن تحقيق نه ٿئي ته پوءِ ٻيا ماڻهو اسان جي باري ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪندا آهن، اسان پنهنجي راءِ سان حقيقتون سامهون نٿا آڻي سگهون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان جنگ ۾ آمريڪا جو اتحادي بڻيو پر ناڪامي جو سڄو ملبو پاڪستان تي وڌو ويو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جانين جي قرباني ڏني، آمريڪا جي ڪنهن ٻي اتحادي جو ايترو نقصان ناهي ٿيو، 30 کان 40 لک ماڻهو بي گهر ٿيا جڏهن ته اسان جي معيشت کي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، گذريل 10، 12 سالن دوران ڪنهن اولهندي ملڪ جي اخبار پاڪستان کي ان جو ڪريڊٽ ناهي ٿيو الٽو پاڪستان کي ڊبل گيم ڪرڻ جو الزام ڏنو ويندو رهيو، غلطيون هو پاڻ ڪري رهيو هو ۽ قصور وار پاڪستان کي بڻايو ويندو رهيو، اسان انهن الزامن جو ان ڪري جواب نه ڏئي رهيا هئاسين ڇو ته اسان جي ملڪ جي قيادت جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ ڪو به ٿنڪ ٽينڪ موجود نه هو، مسئلن جي حل لاءِ اسان کي ليڊرشپ جي کوٽ درپيش هئي، هن چيو ته هاڻي به افغانستان ۾ جيڪڏهن ڊگهي گهرو ويڙهه ٿي وڃي ها ته ان جو سڄو الزام پاڪستان تي اچڻو هو پر الله تعاليٰ اسان کي ان کان محفوظ رکيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ اهو انتهائي شرم جي ڳالهه هئي ته اسان جنهن جو ساٿ ڏئي رهيا هئاسين، اهو اسان کي اتحادي به قرار ڏئي رهيا هئا، اسان جي مٿان بمباري به ڪري رهيا هئا، اسان جي ماڻهن جون جانيون به ويون پر الزام به اسان تي ئي لڳندو رهيو هو ۽ گڏوگڏ امداد ڏيڻ جون ڳالهيون به ڪيون پئي ويون، وزيراعظم چيو ته ان وقت اسان جو ملڪ به ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ طبقو آمريڪا جو مخالف هو ۽ ٻيو آمريڪا جي حمايت ۾ اڳتي اچي ويو جنهن جي ڪري اسان پنهنجو موقف ان طريقي سان دنيا جي سامهون نه آڻي سگهياسين، وزيراعظم چيو ته مسلمان دنيا ۾ ئي اهڙا ٿنڪ ٽينڪس موجود نه هئا جيڪي اهو جواب ڏين ته اسلام ۽ دهشتگردي جو پاڻ ۾ ڪو به تعلق نه آهي، سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جا ذميدار اسان نه آهيون، ڪو به مذهب دهشتگردي جي اجازت نٿو ڏي، انساني معاشرن ۾ انتهاپسند، اعتدال پسند ۽ آزاد خيال هر طرح جا ماڻهو هوندا آهن پر مذهب جو دهشتگردي سان ڪو به تعلق ناهي هوندو. اولهه ۾ رهندڙ مسلمانن کي نائين اليون کانپوءِ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر دنيا ۾ مسلمان قيادت پاران ان حوالي سان ڪو به جواب سامهون نه آيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اولهه ان تي تنقيد ناهي ڪندو، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح ڪري رهيو هجي ها ته تمام گهڻو شور مچي ها، اسان جا ٿنڪ ٽينڪس هجن ها ته هو ان معاملي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪن ها، هندستان ۾ نسل پرست حڪومت هڪ بدقسمتي آهي، جنهن جون فاشٽ پاليسيون آهن ۽ اقليتن سان ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هن وقت ڀارت ۾ اقيلتن کي مشڪلاتون درپيش آهن، وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي جو هڪ وسيع تناظر آهي، جيستائين جامع ترقي نه ٿئي قومي سلامتي يقيني نٿي بڻجي سگهي. جيڪڏهن هڪ ننڍو طبقو امير ٿيندو وڃي ۽ ڪمزور طبقو ڪمزور تر ٿيندا رهيا ۽ هڪ علائقو ترقي ڪري وڃي يا ٻه ٽي شهر ترقي ڪري وڃن ته باقي ملڪ يا صوبا پوئتي رهجي ويندا ته اهو ملڪ به محفوظ ناهي هوندو، غير مساوي ترقي انتشار جو سبب بڻجندو آهي، ڪجهه ماڻهن جي امير ٿيڻ سان ڪو به ملڪ مستحڪم نٿو ٿي سگهي، وزيراعظم چيو ته انساني ترقي تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان جي ملڪ ۾ اردو ميڊيم، انگلش ميڊيم ۽ ديني مدرسن جي تعليم ٽن طرح جا نظام هلي رهيا آهن، ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻن لاءِ پهريون ڪڏهن به ڪنهن نه سوچيو، نئون آبادياتي نظام ۾ تعليم کي ٺيڪ ڪرڻ بدران ان ۾ وڌيڪ مشڪلاتُون پيدا ڪيون ويون، وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ معياري ٿنڪ ٽينڪس جي ضرورت آهي ته جيئن بهتر تحقيق جي ذريعي صحيح معنيٰ ۾ قومي بيانيو سامهون آڻي سگهجي، هن چيو ته غير ملڪي ٿنڪ ٽينڪس انتهاپسندي جي سوچ رکندڙ عنصرن کي ئي سڄي معاشري جو عڪاس سمجهندي آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جو دين عام ماڻهو کي متاثر ڪندو آهي، اسان جو مضبوط خانداني ۽ مهذب نظام آهي، اسان وٽ به انتهاپسندي جي سوچ رکندڙ ماڻهو آهن پر ان جو سبب اهو آهي ته اسان غير منصفاني تعليمي نظام کي ٺيڪ نه ڪيو، وزيراعظم چيو ته تحقيق کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٿنڪ ٽينڪس جي جيئن جيئن ساک وڌندي اسان لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون وينديون، جڏهن به ٻاهرين ملڪ پاڪستان جي خلاف ڪا مهم هلندي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، معياري ٿنڪ ٽينڪس جي ذريعي اسان کي پنهنجو صحيح تشخص ۽ حقيقي موقف دنيا تي واضح ڪرڻ گهرجي.

مضمون کا ماخذ : ریل رش