GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ملڪ ۾ پرتشدد رويي ۽ انتهاپسندي جي هاڻي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان کي اندروني انتشار پکيڙيندڙ ڪجهه عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻو پوندو: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه

image

راولپنڊي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ملڪ ۾ پرتشدد رويي ۽ انتهاپسندي جي هاڻي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان کي اندروني انتشار پکيڙيندڙ ڪجهه عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻو پوندو، طاقت جو استعمال صرف رياست جو اختيار آهي، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کانسواءِ ڪنهن کي به هٿيارن جي نمائش ۽ استعمال جي اجازت نه هوندي، ڪنهن کي به علائقيت، لسانيت، نظريي ۽ مذهب جي بنياد تي رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جمهوريت ۾ ئي پاڪستان جي مضبوطي ۽ بقاءَ آهي، پاڪستان جي حفاظت، ترقي ۽ امن جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، پاڪ فوج هر قسم جي اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن ۽ روايتي ۽ غيرروايتي جنگ، ظاهري ۽ لڪل دشمن سان وڙهڻ جي لاءِ سمورين صلاحيتن سان ليس آهي، جيڪڏهن ڪو دشمن اسان کي آزمائش چاهي ٿو ته هو هر لمحي ۽ هر مهاذ تي اسان کي تيار ڏسندو، فوج جي ڪاميابي وڏي حد تائين عوام جي حمايت تي منحصر آهي، اميد آهي ته افغانستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ سمورين ڌرين جي نمائنده حڪومت قائم ٿئي، پاڪستان ۽ ڀارت جي لاڳاپن جي وچ ۾ ڪشمير جو مسئلو اهم حيثيت رکي ٿو، اسان هر سطح تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين، شهيدن جي وارثن کي يقين ڏياريان ٿو ته توهان جي پيارن جون قربانيون ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ نه رائيگان وينديون. هو جنرل هيڊڪوارٽرز راولپنڊي ۾ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، سامونڊي ۽ فضائي فوج جي سربراهن، پرڏيهي سفارتڪارن، پاڪستان جي شهيدن جي گهرڀاتين، غازين، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ عسڪري عملدارن ۽ جوانن پڻ شرڪت ڪئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي وطن جو دفاع هڪ مقدس فرض آهي جيڪو اسان کي جان کان به وڌيڪ عزيز آهي، اسان جي شهيدن جون قربانيون وطن سان محبت جي انهي جذبي جو اظهار آهي جيڪي اسان جي دلين کي به شهادت جي جذبي سان سرشار رکن ٿيون. هن چيو ته اسان جي بزرگن پنهنجي قرباني سان آزادي جو ڏيئو ٻاريو جنهن کي شروع کان سخت امتحانن کي منهن ڏيڻو پيو، 1948ع هجي يا سيپٽمبر 1965ع جي جنگ، يا 1971ع جي ويڙهه، ڪارگل جو معرڪو هجي يا دهشتگردي جي خلاف ڊگهي صبر آزما جنگ، هر آزمائش ۾ پاڪ فوج ثابت ڪيو ته اسان هر حالت ۾ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ ان جي لاءِ هر قيمت ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. آرمي چيف جو چوڻ هو ته شهيدن جي وارثن کي يقين ڏياريان ٿو ته توهان جي پيارن جون قربانيون نه ڪڏهن وسارينداسين ۽ نه رائيگان وينديون، اڄ جي تقريب جو مقصد انهي وچن کي ورجائڻ آهي ته اسان پنهنجي شهيدن کي ڪڏهن ناهي وساريو ۽ انهن جي وارثن جي نگهباني اسان جي ذميواري آهي، ان عظيم ملڪ جي سلامتي ۽ امن اسان کي هر حال ۾ عزيز آهي. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته اسان جي ملڪ سان محبت سمورن ذاتي، گروهي لساني، نسلي ۽ هر قسم جي تعصب کان مٿانهين آهي، پاڪستان جي حفاظت، ترقي ۽ امن جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، پاڪ فوج ڪنهن به قسم جي اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن، روايتي ۽ غيرروايتي جنگ، ظاهري ۽ لڪل دشمنن سان وڙهڻ جي لاءِ سمورين صلاحيتن سان ليس آهي، جيڪڏهن ڪو دشمن اسان کي آزمائڻ چاهي ٿو ته اهو هر لمحي ۽ هر محاذ تي اسان کي تيار ڏسندو. هن جو چوڻ هو ته اڄ اسان جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين فوجن ۾ ٿئي ٿو، اسان هر دشمن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ سمورين اندروني ۽ ٻاهرئين سازشن کي ناڪام بڻايو، سڀ کان وڌيڪ دفاعي قوت ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪري ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، اسان کي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪ فوج ۽ قوم جو رشتو اها مضبوط ڍال آهي جنهن پاڪستان جي خلاف دشمن جي سمورين چالن ۽ حربن کي سدائين ناڪام بڻايو آهي ۽ انهي يڪجهتي اسان کي هر مشڪل ۾ سرخرو ڪيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه تمام اهم آهي ته عوام جي تعاون کانسواءِ ڪا به فوج واريءَ جي ديوار ثابت ٿئي ٿي جهڙو اسان پاڙيسري ملڪ ۾ ڏٺو، فوج جي ڪاميابي وڏي حد تائين عوام جي حمايت تي منحصر آهي، اسان کي ان حقيقت کي به نظر ۾ رکڻو پوندو ته موجوده دور ۾ جنگ جي نوعيت بدلجي وئي آهي، هاڻي سڌوسنئون حملن بدران ڪنهن قوم جي يڪجهتي ۽ نظرياتي سرحدن کي ڪمزور، ان جي مختلف طبقن ۾ انتشار ڦهلائڻ، شهرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ٻين حربن کانسواءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪشن جي ذريعن کي پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته اسان جا دشمن به غيرروايتي حربن بشمول پروپئگنڊه ۽ ڊس انفارميشن جي ذريعي پنهنجي ڪڌن مقصدن کي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، ٻاهرئين دشمنن جي سمورن حربن ۽ چالن کان اسان آگاهه آهيون پر اسان کي اندروني انتشار پکيڙيندڙ ڪجهه عنصرن سان سختي سان منهن ڏيڻو پوندو، اسان سڀني جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ته ڪجهه ماڻهو دشمن عنصرن جي هٿن ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، ان کي هائبرڊ يا ففٿ جنريشن وار چيو وڃي ٿو ان جو مقصد پاڪستان جي بنيادن کي کوکلو ڪرڻ ۽ ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ آهي. هن چيو ته اسان انشاءَ الله ان ناڪام ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙي مشڪل ۽ ڏکي صورتحال پاڪ فوج ۽ قوم جي گڏيل اعتماد جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي گهرجائو آهي. اها حقيقت به پهرين ڏينهن کان روشن آهي ته هن ملڪ تي ڪنهن پرتشدد رويي يا انتهاپسندي جي اڃا تائين ڪا به گنجائش نه آهي، طاقت جو استعمال صرف رياست جو استعمال آهي، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کانسواءِ ڪنهن فرد يا گروهه کي اسلحي جي نمائش ۽ استعمال جي اجازت نه هوندي، ڪنهن شخص يا گروهه کي علائقيت، لسانيت، نظريي ۽ مذهب جي بنياد تي رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. آرمي چيف چيو ته جمهوريت ۾ پاڪستان جي مضبوطي ۽ بقاءَ آهي. ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي آئين جي پاسداري، انصاف، برداشت ۽ بردباري جي اصولن تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو. تنقيد براءِ تنقيد، نفرت ۽ عدم برداشت جهڙن روين جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي. پاڪستان کي جيڪڏهن ترقي ڪرڻي آهي ته اسان کي پنهنجي اناءَ ۽ ذاتي مفادن کي پـٺتي وجهڻو پوندو. هن چيو ته 21 هين صدي ۾ اسان هڪ ٻئي جي خلاف روايتي منفي سوچ بدران عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ جيو اڪنامڪ ترجيحن، خطي جي سهڪار ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ تي ڪم ڪرڻو پوندو. آئون سمجهان ٿو ته هاڻي تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، پاپوليشن ڪنٽرول، ماحولياتي تبديلي اسان جون ترجيحون هجڻ گهرجن. جنرل قمر جاويد باجوه وڌيڪ چيو ته اسان جي خطي جي صورتحال تي گهري نظر آهي، خاص طور تي افغانستان مان غيرقانوني فوجن جي نڪرڻ کانپوءِ جتي صورتحال امن استحڪام جو هڪ موقعو فراهم ڪري ٿي اتي اها وڌيڪ خطرن ۽ مشڪلاتن جو سبب به بڻجي سگهي ٿي. اسان افغانستان جي عوام جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ خواهشمند آهيون ۽ اها اميد رکون ٿا ته گڏيل قومن سميت خطي ۽ دنيا جون وڏيون طاقتون افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنديون. آرمي چيف چيو ته اسان جنگ جي تباهڪارين ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ افغان ڀائرن جي مشڪلاتن ۽ ڏک ۽ درد کان آگاهه آهيون پر ان درد کي محسوس به ڪريون ٿا. پاڪستاني قوم اڄ به افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. اسان جي خواهش آهي ته افغان قيادت سمورا معاملا افهام تفهيم وسيلي طئي ڪندي افغان عوام کي امن ۽ خوشحالي سان همڪنار ڪري. هن چيو ته اسان اها به اميد رکون ٿا ته افغانستان هڪ مستحڪم ۽ سڀني ڌرين جي نمائندگي ڪندڙ حڪومت هجي، انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جو احترام ڪيو وڃي. افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي ۽ ان سان گڏوگڏ اها اميد به رکون ٿا ته دنيا هن مشڪل وقت ۾ افغاني ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ نه ئي ڪنهن انساني بحران جو شڪار ٿيڻ نه ڏيندي. ان سلسلي ۾ پاڪستان دنيا جي هر ملڪ سان تعاون لاءِ تيار آهي. آرمي چيف چيو ته جيستائين اسانجي اوڀرندي سرحدن جو تعلق آهي انهن ۾ 2019ع کانپوءِ ڪيترائي نازڪ لمحا آيا پر پاڪستان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي هڪ ذميوار ۽ امن پسند رياست جو ثبوت ڏنو، تنهن هوندي به اسان جي امن پسندي جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي اهليت رکون ٿا. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان ۽ هندستان جي لاڳاپن جي وچ ۾ والاريل ڪشمير جو مسئلو اهم حيثيت رکي ٿو. اسان غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير بابت هندستان جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفن ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪريون ٿا. اهي سڀ عالمي اصولن جي خلاف آهن. اسان ڪشميري عوام جي حريت پسنداڻي جذبي، شهيدن جي قربانين ۽ خاص طور تي سيد علي گيلاني جي ڊگهي ۽ عظيم جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي يقين ڏياريون ٿا ته اسان هر سطح تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ان موقعي تي آرمي چيف صدر سان گڏ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. تقريب ۾ ملي نغما، شهيدن ۽ غازين ۽ شهيدن جي پونئيرن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪرڻ جي لاءِ مختلف ڊاڪيومينٽريز پڻ ڏيکاريون ويون.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں