نائيجر- 30 جنوري (اي پي پي) نائجيريا ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 06 شاگرد فوت ٿي ويا آهن. ٽي آر ٽي مطابق بورنو صوبي جي علائقي گوبيو جي هڪ مدرسي ويجهو بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 06 شاگرد فوت ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. واقعي جي اڃا تائين ڪنهن به ذميواري قبول ناهي ڪئي.