GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ڪروٽ هائيڊرو پاور پلانٽ جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم شهباز شريف

image
APP32-250522 KAROT: May 25 - Prime Minister Shehbaz Sharif addressing workers of Hydropower Project and Chinese Media Persons at Karot. APP

اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪروٽ هائيڊرو پاور پلانٽ جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ڌرڻن معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماضي جي غلطين مان سبق سکندي ڌرڻن جو تختو اونڌو ڪيو وڃي ۽ محنت سان پاڪستان جي تعمير ڪئي وڃي. ڪروٽ هائيڊرو پاور پلانٽ جي دوري جي موقعي تي ورڪرز ۽ چيني ميڊيا کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2015ع ۾ چيني صدر شي جن پنگ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ان منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، ان منصوبي سان 720 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. هن چيو ته چيني صدر دور انديش ليڊر آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت وٽ مخالف ڌر کي ڀت سان لڳائڻ، معاشري ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ ۽ دشام بازي جي لاءِ تمام گهڻو وقت هو پر مهانگائي، غربت ۽ بيوزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ انهن وٽ وقت نه هو، اڳوڻي وزيراعظم ان منصوبي جو دورو تائين نه ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ آئيني طريقي سان اسان جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي ۽ مختصر وقت ۾ اسان معاشي اهميت جي منصوبن تي ڌيان ڏنو آهي ۽ اڄ هن منصوبي جو دورو ڪرڻ جي لاءِ هتي آيو آهيان. وزيراعظم چيو ته منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني جي ذميوارن ۽ انجنيئرز يقين ڏياريو آهي ته هي منصوبو جلد مڪمل طور تي ڪم شروع ڪندو ۽ نيشنل گرڊ کي 720 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو، اها سستي بجلي هوندي ۽ جيئن جيئن سيڙپڪاري جو ڪاٿو گهٽ ٿيندو ويندو ۽ قرضن جي ادائيگي ٿيندي ويندي ته بجلي جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي ويندي ۽ قرض لهڻ کانپوءِ هڪ وقت ايندو ته بجلي جي قيمت 3 رپيا في يونٽ ٿيندي، ان منصوبي سان ماحولياتي آلودگي جو مسئلو به نه ٿيندو. هن چيو ته ڪمرشل آپريسن جي مڪمل ٿيڻ تائين چارٽر بائنن سان 720 ميگاواٽ بجلي فري مهيا ڪرڻ تي چيني ڪمپني جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان 4 ارب رپين جي بچت ٿيندي، ملڪ کي هن وقت هڪ هڪ ڊالر بچائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪمرشل آپريشن جي مڪمل ٿيڻ تائين مفت بجلي جي فراهمي جو ماضي ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي، جيڪڏهن ڪوئلي ۽ فرنس سان ڀيٽ ڪريون ته اها بچت 9 ارب رپيا بڻجي ٿي. وزيراعطم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادر آهن، ان منصوبي تي تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان کي قوم کي ورڇ ڪرڻ ۽ ڌرڻو ڏيڻ ۾ وقت نه ضايع ڪرڻ گهرجي، سيپٽمبر 2014ع ۾ چيني صدر جي پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پي ٽي آءِ ڌرڻو ڏئي ڇڏيو جنهن جي ڪري چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيو، اسان عمران خان کي منٿ ڪئي ته چيني صدر جو دورو ٿيڻ ڏيو، ان کانپوءِ ٻيهر ڌرڻي تي ويهي رهو پر هو هٺ ڌرمي تي بٺيل رهيو، جيڪڏهن اهو منصوبو شروع ٿي وڃي ها ته ڏيڍ سال اڳ مڪمل ٿي ويو هجي ها، ڌرڻن سان معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو، هاڻي ٻيهر ڌرڻن جي تياري ڪئي پئي وڃي، اڳوڻي حڪومت ٻڏل معيشت اسان جي حوالي ڪئي، ان کي توانا ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي حڪومت عالمي منڊي ۾ مهانگي اگهن تي ملندڙ پيٽرول سستو ڪري اسان جي لاءِ بارودي سرنگهه وڇائي وئي. آءِ ايم ايف سان معاهدو خراب ڪيو، هاڻي ڌرڻن سان ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري هيا آهن. وزيراعظم چيو ته حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي، ان جي لاءِ اسان کي پاڻ کي تيار ڪرڻو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماضي جي غلطين مان سبق سکندي ڌرڻن جو تختو اونڌو ڪريون ۽ محنت سان پاڪستان جي تعمير ڪريون، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن، عوام تي ڪو اضافي بار نه وڌو ويندو. وزيراعظم چيو ته چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين ۽ چيني حصيداري سان توانائي جا منصوبا لڳايا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڪروٽ هائيڊرو پاور پلانٽ ۾ پاڻي جي استعمال جي چارجز جي مد ۾ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير کي 1.2 ارب رپيا ساليانو آمدني ٿيندي. وزيراعظم پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن کي درخواست ڪئي ته ان رقم جو 10 سيڪرو جيڪو ساليانو 12 ڪروڙ رپيا بڻجي ٿو ايندڙ 30 سالن تائين ان علائقي جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ خرچ ڪن جنهن ان منصوبي لاءِ زمينون ۽ قرباني ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، خرم دستگير، چيني ڪمپنين جا نمائندا، انجنيئرز ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا.

مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا