اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروايون خوش آئنده آهن، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن گروهن جي خلاف سخت ڪار??وا??ي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ايف آءِ اي پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف تازين سخت ڪاررواين جي شروعات خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولتڪارن جي خلاف سخت ڪار??وا??ي کانپوءِ سخت قدم پڻ کنيا وڃن. ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي سمورن گروهن جي خلاف سخت قانوني ڪار??وا??ي ڪئي وڃي ته جيئن اهي عبرت جو نشان بڻجن. وزيراعظم حڪم ڏنو ته انساني اسمگلرن جي ملڪيتن ۽ اث??ثن جي ضبطگي جي لاءِ فوري قانوني ڪار??وا??ي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اعليٰ ترين درجي جا وڪيل مقرر ڪي?? وڃن. پرڏيهي آفيس ٻاهرئين ملڪن مان انساني اسمگلنگ جو ڪاروبار هلائيندڙ پاڪستانين جي خلاف ڪار??وا??ي جي لاءِ ڪي??رن ئي ملڪن سان رابطو ڪري ۽ انهن جي پاڪستان حوالگي جي حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي گهرو وزارت جي تعاون سان عوام ۾ ٻاهرئين م??ڪ نوڪرين جي لاءِ رڳو قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ٽريننگ ادارن جو واڌارو ڪيو وڃي جيڪي موجوده دور جي گهرجن موجب سرٽيفائيڊ ۽ پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت ٻاهرئين ملڪ فراهم ڪري سگهن. هن هوائي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن، سهولتڪارن جي خلاف قانوني ڪار??وا??ي ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت ??لت??تان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.