ڪراچي-23 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هجڻ گهرجي ته ڪي – فور ??نص??بي کي جلد کان جلد مڪمل ڪريون. ڪي – فور ??نص??بي سان ڪراچي جي پاڻي جي فر??همي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپرومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ سيد خالد حيدر شاهه، ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عثمان معظم، سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن صلاح الدين، چيف آپريٽنگ آفيسر ڪي ڊبليو ايس سي اسد الله خان موجود هئا. اجلاس ۾ ڪي فور ??نص??بي جي آگمينٽيشن سميت ٻين معاملن تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعيد غني چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش هجي گهرجي ته ڪي – فور ??نص??بو جيڪو هن وقت ڪراچي ج?? شهرين لاءِ پاڻي جي فر??همي ۾ اهميت وارو آهي ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هن ??نص??بي سان ڪراچي جي پاڻي جي فر??همي کي وڌيڪ بہتر بڻائي سگهجي ٿو.