اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ پاران پاليسي ر??ٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ جو 13 سيڪڙو تي اچڻ ملڪي معيشت جي لا??ِ خوش آئنده آهي ۽ ان سان پاڪستاني معيش?? تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاليسي ر??ٽ ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته گهٽ ناڻي واڌ جي شرح جي ڪري پاليسي ر??ٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه ??وڳ??ون آهن.