اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان صنفي مساوات بابت آسٽريلوي سفير ڪوپس ڪيمبل ڪالهه هتي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستاني صنفي مساوا?? ۽ ??و??تن جي اختيارن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب ڳالهين ۾ قانونسازي جي فريم ورڪ، حڪومتي ۽ نجي شعبن ۾ عو??تن جي اڳواڻيءَ واري ڪردار ۾ واڌ ۽ صنفي ش??ول??ت کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ حڪمت عملين تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ حڪومت پاليسي سڌارن، صلاحيتن جي تعمير جي قدمن ۽ عو??تن ل??ءِ هڪ جامع سماجي ۽ اقتصادي ماح??ل جي قيام جي عزم تي زور ڀريو. هن ”پرائيم منسٽر وومن ايمپاورمينٽ پيڪيج 2024ع“ تي روشني وڌي جيڪا ڪم ڪندڙ عو??تن ل??ءِ پيشوراڻي تربيت، قائداڻين صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ، مائڪرو فنانس اسڪيمن ۽ عو??تن ل??ءِ چُرپُر ۽ معاشي خودمختياري وڌائڻ ل??ءِ ”وومن آن وهيلز“ جهڙن منصوبن تي ٻَڌل آهي. وفاقي وزير صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ عالمي ۽ مقامي تنظيمن سان جاري حصيدارين کي به اجاگر ڪيو جنهن ۾ صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن جي ش??ول??ت ل??ءِ قومي حڪمت عملي به شامل آهي. ان حڪمت عمليءَ جو مقصد خطرناڪ صنفي روين کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن ۽ ڇوڪرن کي اتحادي طور شامل ڪرڻ آهي. هن عو??تن جي اختيارن جي رستي ۾ ثقافتي رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ ل??ءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو. اسٽيفني ڪوپس ڪيمبل ان ڪوششن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاشرتي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ل??ءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن عو??تن جي اڳواڻن ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ برابري واري شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن صنفي حساس پاليسين کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ۾ عو??تن کي بااختيار بڻائڻ وارن منصوبن ل??ءِ آسٽريليا جي تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌُرين هڪ جامع ۽ مساوي معاشري جي تعمير ل??ءِ مسلسل سهڪار ۽ عالمي اتحاد جي اهيمت تي زور ڀريو.