اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سمنڊ پار پا??ست??نين، انساني ترقي ۽ وسيلن بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان صحت ۽ مهارتن جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار لاءِ چيني وفد ملاقات ڪئي. ڪالهه سمنڊ پار پا??ست??نين واري وزارت ۾ان جاري پريس رليز م??جب او پي ايڇ هيلٿ ڪيئر پروجيڪٽ جي سرب??اه?? اسڪارليٽ جي اڳواڻيءَ ۾ چيني وفد گاريا گروپ طرفان هڪ جامع تجويز پيش ڪئي جيڪا بنيادي صحت جي سارسنڀال ۾ ڊجيٽل شين ۽ خدمتن لاءِ مربوط حل ف??اه?? ڪندڙ هڪ مشهور ادارو آهي. ڄاڻايل پراجيڪٽ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي ٻَڌل اسٽريٽجڪ ڪلائوڊ ڪم??يو??نگ ذريعي ڏورانهن علائقن ۽ غريب ڪميونٽين کي صحت جي سستي سارسنڀال ف??اه?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن سان علاج جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ صحيح سُڃاڻپ ممڪن ٿيندي. ان پراجيڪٽ جي هڪ قابل ذڪر خاصيت هڪ پورٽيبل سُڃاڻپ واري مشين جو تعارف آهي جيڪو 7 کان 8 قسمن جي بيمارين جي سُڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو جنهن سان چُرپُر جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. ان کان علاوه پراجيڪٽ جو ڊجيٽل پليٽ فارم مريضن، ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽورن وچ ۾ رابطن کي ممڪن بڻائيندو. رپورٽون سڌيءَ ريت پينل تي موجود ڊاڪٽرن سان شيئر ڪيون وينديون ۽ دوائن بابت ميڊيڪل اسٽورن سان شيئر ڪيون وينديون جنهن سان مريضن کي دوائن جي سڌيءَ ريت ف??اه??ي ۾ سهولت ٿيندي. وفد سرٽيفڪيشن جي ٽن درجن بابت به آگاهه ڪيو جنهن ۾ هواوي سرٽيفائيڊ آءِ سي ٽي ??يسوسيئيٽ (ايڇ سي آءِ اي) 2 هفتن جو ڪورس، هواوي سرٽيفائيڊ آءِ سي ٽي پروفيشنل (ايڇ سي آءِ پي) هڪ مهيني جو ڪور ۽ هواووي سرٽيفائيڊ آءِ سي ٽي ??يڪسپرٽ (ايڇ سي آءِ اي) 6 مهينن جا ڪورس شامل آهن. وفاقي وزير ان منصوبي کي چين جي تعليم واري وزارت طرفان هڪ اهم سيڙپڪاري طور تي تسليم ڪيو. اها ملاقات او پي ايڇ ۽ صحت واري وزارت وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) ذريعي ڀائيواري کي باضابطه بڻائڻ لاءِ اتفاق راءِ تي پڄاڻي ٿي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهڙيءَ طرح جون ڀائيواريون پا??ست??نين جي هنرمندي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اهڙيءَ طرح عالمي ملازمتن جي مارڪيٽ ۾ ان جي مسابقت ۾ واڌ ٿئي ٿي.