اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪامپيٽشن ڪميشن جو دؤرو ڪيو ۽ ڪميشن جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ورتي. پنهنجي دؤري دوران هن چيو ته مختلف معاشي شعبن ۽ ما??ڪيٽن مان ڪارٽلائزيشن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. چيف جسٽس کي درخواست ڪنداسين ته سپريم ڪورٽ ۾ ??ٽا??يٽي بابت ڪيسن تي خاص بئنچون جوڙي، جن ڪيسن ۾ حڪومت جو روينيو جو معاملو هجي، ان تي سپريم ڪورٽ معاونت ڪري. هن چيو ته ڪيسن جي پيروي لاءِ ??ٽا??يٽي ڪميشن ملڪ جي بهترين وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪري. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪارٽلائزيشن جي خاتمي لاءِ ??ٽا??يٽي ڪميشن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، ما??ڪيٽن جي مانيٽرنگ لاءِ جديد فني ۽ ڊيٽا جو استعمال ڪريو. هن چيو ته ما??ڪيٽ ڊيٽا جو انالسز ۽ مانيٽرنگ ڪري ڪارٽلز کي پڪڙيو ??ڃي ۽ ??ٽا??يٽي ڪميشن ما??ڪيٽ ۾ ڳٺجوڙ خلاف جاري انڪوائرين کي مڪمل ڪجي. هن چيو ته سمورا ريگيوليٽري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي هم آهنگي مان بهتر نتيجا ڏئي سگهن ٿا، ما??ڪيٽن ۾ شفافيت ۽ مقابلي جو ما??ول فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪميشن کي هر قسم جي سپورٽ ڪندي. محمد اورنگزيب چيو ته ??ٽا??يٽي ڪميشن کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ لاءِ آٽوميشن ڪئي وڃي ۽ حڪومتي ادارا ڪمپٽيشن ڪميشن جي مختلف شعبن جي ريسرچ رپورٽن مان فائدو کڻن. هن وڌيڪ چيو ته پاليسي واضح آهي ته جيڪي ڪاروبار نجي شعبي جي ڪرڻ جا آهن، حڪومت ان ۾ شامل نه ٿيندي. ??ٽا??يٽي ڪميشن جي ڪارڪردگي ??اف?? بهتر آهي، ان کي وڌيڪ فعال بڻايو ??ڃي.