اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن تي انصاف، آزادي ۽ وقار حاصل ڪرڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان ??ڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي مضبو?? حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1701 کي مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان لبنان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. هن متاثر م??ڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فوري ضرورت، بي گهر م??ڻهن جي محفوظ واپسي ۽ تڪرارن کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرار کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته جنگبندي جو معاهدو غزه جي پٽيءَ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو خاتمو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جو مرحلو طئي ڪندو.