باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آه?? ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آه??، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، پاڪستان کي 2030ع تائين موسمياتي ريزيلينس حاصل ڪرڻ جي لاءِ 348 ارب ڊالر جي ضرورت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن باڪو ۾ ڪوپ 29 جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ايشيا ۽ بحرالڪاهل ۾ موسم جي لاءِ اختراعي مالياتي سهولت جي لاءِ تقريب منعقد ڪرڻ تي اي ڊي بي ۽ فنانسنگ پارٽنرز جا ??ور?? ادا ڪندي چيو ته ماحولياتي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهڙي طرح جي پرعزم عالمي اتحاد کي گڏجي ڪم ڪندي ڏسڻ متاثر ڪندڙ آه??. هن چيو ته اسان اسرندڙ ملڪن جي لاءِ دستياب سستي ۽ پهچ جوڳي موسمياتي فنانس جي لاءِ فورم جي عزم جي آجيان ڪريون ??ا. ??ائب وزيراعظم چيو ته ايشيا ۽ بحرالڪاهل ۾ آبهوا جي لاءِ جديد مالياتي سهولت حصيدارن جي ضمانت ۾ 2.5 ارب ڊالر جي رقم اسرندڙ ملڪن جي مدد جي لاءِ 11 ارب ڊالر جي ڪلائميٽ فنانس کي کوليندي. هن چيو ته اهو هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن اسان اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن ۽ ترجيحن جي بنياد تي هڪ پرجوش نئين ڪوالنٽيفائيڊ ڪلائميٽ فنانس هدف جي تعين جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آه??ون، لاڳو ڪرڻ جي تعاون جي ذريعن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. موسمياتي فنانس بنيادي طور تي قرض جي شڪل ۾ فراهم ڪيو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻي موسمياتي مالياتي رڪاوٽ ڪرنسي رسڪ آه?? جيڪو خاص طور تي ان حوالي سان آه?? ته غيرملڪي ڪرنسي جو قرض گهٽ آمدني وارن ملڪن جي قرضن جو 70 کان 80 سيڪڙو بڻجي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسرندڙ ملڪن کي درپيش انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن جي لاءِ ڪرنسي جي خطري کي روڪڻ جي لاءِ ايم ڊي بي ۽ آءِ ايم ايف ۾ سڌارن جي حمايت ڪري ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آه??، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، پاڪستان کي 2030ع تائين موسمياتي ريزيلينس حاصل ڪرڻ جي لاءِ 348 ارب ڊالر جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي موسمياتي ڪارروائي جي لاءِ پرعزم آه??، اسان ساليانو پبلڪ سيڪٽر پروگرام جو 20 سيڪڙو ڪلائميٽ ريسپانسيو پبلڪ انويسٽمنٽ تي خرچ ڪريون ٿا جنهن ۾ ٻوڏ جي ٺوس عمل کان وٺي تجديد توانائي ۽ موسمياتي سمارٽ ايگريڪلچر ۾ سيڙپڪاري شامل آه??.