اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اچو ته اڄوڪي ڏينهن اسان علامه اق??ال جي ويزن تي عمل ڪرڻ، انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين تي ٻڌل قوم جي تعمير جو وچن ڪريون. اڄ اسان بصيرت افروز شاعر ۽ فلسفي ڊاڪٽر علامه محمد اق??ال جي يوم پيدائش جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه ڇنڇر ڏينهن علامه اق??ال جي يوم پيدائش جي موقعي تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سندس فڪر ۽ لکڻين اسان جي قوم جي طرز عمل تي گهرا اثر ڇڏيا آهن ۽ اهي اسان لاءِ روشن راهه جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪي اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ اڻٿڪ محنت تي زور ڀر??ن ٿيون. وزيراعظم چيو ته علامه محمد اق??ال جي شاعري پنهنجي وقت جي عڪاسي ئي نٿي ڪري پر عمل ۽ خودشناسي جي لازوال دعوت پڻ آهي. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو اعتدال پسندي سان بلند ٿي پختي ايمان ۽ محنت ذريعي عظمت حاصل ڪن. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پوسٽ ۾ علامه محمد اق??ال جو شعر به پوسٽ ڪيو ته ”تنما آبرو ڪي هو اگر گلزار هستي ۾، تو ڪانٽون ۾ الجهه ڪر زندگي ڪرني ڪي خو ڪرلي، نهين يه شان خودداري ه??ن، چمن سي توڙ ڪر تجهه ڪو، ڪوئي دستار ۾ رک لي، ڪوئي زيب گلو ڪرلي“. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان علامه اق??ال جو يوم پيدائش ملهائي رهيا آهيون، اچو اسان اڄوڪي ڏينهن پنهنجي زندگي ۾ علامه اق??ال جي ويزن تي عمل ڪرڻ ۽ هڪ اهڙي قوم جي تعمير جو وچن ڪريون جيڪا علامه محمد اق??ال جي انصاف، برابري ۽ اعليٰ ظرفي جي نظرين جي عڪاسي ڪري.