سرينگر-06 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين گذريل ڏينھن ڄمون جي شھيدن جي ڏھاڙي کي ان عزم سان ملهايو ته خوداراديت جي حق کي حاصل ڪرڻ تائين شھيدن جي مشن کي جاري ر??نداسين. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري سنگھه جي فرسز، ڀارت جي فوج ۽ ھندو پرست قوتن ڄمون جي مختلف علائقن ۾ لکين ڪشمرين جو ان وقت قتل عام ڪيو ھو جڏھن ڪشميري 1947ع جي پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت ڪري ر??يا ھئا. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ تنظيمن سرينگر ۾ جاري پنھنجي بيانن ۾ ڄمون جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ??ندي چيو ته انھن جو رت ??اي?? نه ڪرڻ ڏينداسين. ھن چيو ته ڄمون جي شھيدن ھڪ مقدس مقصد ??اء?? پنھنجن جانين جو نذرانو پيش ??يو ۽ انھن جي بي مثال قربانين کي وساري نه سگھبو. حريت جي اڳواڻن ۽ تنظيمن چيو ته 1947ع ۾ ڄمون جي مسلمانن جي دل ڏکوئيندڙ نسل ڪشي دنيا جو سڀ کان وڏو سانحو ھو جنھن ۾ لکين مسلمانن کي شھيد ڪيو ويو. هنن چيو ته شھيدن کي خراج عقيدت پيش ??رڻ جو بھترين ط??يقو اھو آھي ته انھن جي مشن کي منطقي انجام تائين پھچايو وڃي.