اسلام آباد -14 آڪ??وبر (اي پي پي)صن??ت ۽ واپار واري وفاقي ايوان جي صدر عاطف اڪرام شيخ چيو آهي، ته شنگهائي سهڪار تن??يم اجلاس پاڪستان لاءِ حقيقي گيم چينجر ۽ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. شنگهائي سهڪار تن??يم اجلاس معاشي بحالي، علائقائي ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جو اهم موقعو آهي. هن گذريل ڏينهن ايس سي او اجلاس جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سموري پاڪستاني قوم چين جي وزيراعظم سميت ايس سي او ڪانفرنس لاءِ آيل مهمانن جي آجيان ڪري ٿي. هن چيو ته چين جي ترقي دنيا لاءِ مثال آهي، چين جي سهڪار سان پاڪستان ۾ جلد معاشي استحڪام ايندو. هن چيو ته چين ۽ روس سميت ٻين ملڪن جي سربراهن جو پاڪستان اچڻ عالمي دنيا جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو.