اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيرا??ظم لي چيانگ چيو آهي ته چين پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ ??ان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ ا??ان جو عزم پختو آهي، گوادر علائقائي ترقي جو محور آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن وزيرا??ظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چين جي وزيرا??ظم لي چيانگ چيو ته گوادر ايئرپورٽ جي تڪميل تي چيني حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، چيني ۽ پاڪستاني ورڪرز ا?? منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته گوادر علائقائي ترقي جو محور هجڻ ??ان گڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جو عڪاس آهي، چين پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان جي عوام جي خوشحالي ا??ان جي دل جي ويجهو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ ??ان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ ا??ان جو عزم پختو آهي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.