بيجنگ- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته وزيراعظم لي ڪ??انگ پنهنجي پاڪستاني هم منصب شهباز شريف جي دعوت تي 14 کان 17 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت ٿي لي ڪ??انگ اسلام آباد جو دورو ڪندو، ان دوران شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23 هين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.