ڪوئٽا-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ بي پناهه ٽيلنٽ موجود آهي، جيڪڏهن انهن کي موقعو ملي ته هو پاڪستان جي عالم?? سطح تي نمائندگي ڪري سگهن ٿا. شاهه زيب رند ورلڊ چيمپئين ٽائيٽل کٽي نه رڳو بلوچستان پر پاڪستان جو نالو عالم?? سطح تي ??وشن ڪيو آهي. انهن خ??ال?? جو اظهار هن گذريل ڏينهن بيوٽمز يونيورسٽي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. هن ورلڊ ٽائيٽل کٽڻ تي ??اهه زيب رند کي مبارڪون ڏي??دي چيو ته راند اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ محنت جي عيوض ڪاميابي مقدر بڻج??دي آهي، هن چيو ته جڏهن پهرين به مان بلوچستان جو دورو ڪيو هو ۽ نوجوانن سان مليو هئس ته انهن نوجوانن مون کي متاثر ڪيو هو. هن چيو ته بلوچستان جي اڻوڻندڙ حالتن ?? تعليم حاصل ڪرڻ نوجوانن جو ڪمال آهي، نيشنل والنٽيئر ڪار جو لوگو ٺاهيندڙ ٻارڙي جو تعلق ڪوئٽا جي سرياب روڊ سان آهي جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي. هن چيو ته هن وقت وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر آهي، جهڙي ريت ارشد نديم کي وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو ويو هو، اهڙي ريت شاهه زيب رند به قوم جو هيرو آهي، ان کي به وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو ويندو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن چيو ته تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بلوچستان ۾ وڌيڪ 3 دانش اسڪول کولي رهيا آهيون. ان موقعي تي ??قريب کي وشو ڪراٽي ڪمبيٽ ۾ ورلڊ ٽائيٽل کٽندڙ شاهه زيب رند خطاب ڪ??دي چيو ته پاڪستان لاءِ ورلڊ ٽائيٽل کٽڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ننڍي ڪلب کان ڪئي هئي، ماڻهو منهنجي خواب ۽ ٽارگيٽ تي هلندا هئا، محبت هجي ۽ ويزن واضح هجي ته ڪاميابي اوهان جو مقدر بڻجي وي??دي آهي. هن نوجوانن کي چيو ته هو جنهن به فيلڊ ۾ آهن، ان ۾ مستقل مزاجي سان ڪم جاري رکن. هن وزيراعليٰ بلوچستان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن طرفان استقبال تي ??ندن شڪريو به ادا ڪيو.