لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمورا جيب ڪترا اسٽيج تي بيهي گوڙ ڪري رهيا آهن، سمورن چورن جو احتساب ٿيندو هاڻي انهن سان ڪنهن به صورت ۾ بليڪ ??يل نه ٿينداسين، 30 سالن کان واريون وٺندڙ ڊنل آهن ڇو ته انهن کي هاڻي جيلن ۾ وڃڻو آهي، پهريون ڀيرو ملڪ ?? ميرٽ تي احتساب ٿي رهيو آهي، ننڍي ننڍي مافيا تبديلي اچڻ نه پي ڏي، معمولي کنگهه تي لنڊن وين??ڙن کي ڪهڙي خبر ته پاڪستان جي اسپتالن جو ڪهڙو حال آهي. هو ايوان اقبال لاهور ۾ انصا?? ڊاڪٽرز فورم جي اهتمام هيٺ ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو.