اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي ج??ڪا 1967ع کان اڳ هئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هو، ان تي ڳڻتي ۽ ابهام جي ڪا گنجائش نه آهي، ڪشمير تي ا??ان جو موقف اهو ئي آهي ج??ڪو ماضي ج?? حڪومتن جو هو، ان تي قو??ي اتفاق راءِ آهي، پارلياماني ا??فاق راءِ جي لاءِ هڪ پارلياماني ڪشمير ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي پاڪستان تسليم نه ٿو ڪري، ڀارت جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل م??مبر بڻجڻ جو سوال ئي نه آهي، غيرمستقل م??مبر پاڪستان ۽ ڀارت 7، 7 ڀيرا رهيا آهن هاڻي ڀارت جڏهن ته 2026ع ۾ پاڪستان اٺون ڀيرو غيرمستقل م??مبر جي مهم شروع ڪري رهيو آهي. قو??ي اسيمبلي ۾ خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آئون واضح طور تي چوان ٿو ته جن خدشن جو اظهار خواجه آصف ڪيو آهي انهن ۾ ڪا حقيقت نه آهي. اهو چيو ويو ته عرب ملڪن جي موقف ۾ تبديلي آئي آهي، پاڪستان مسلمان ملڪن جي ا??ر هيٺ اچي ڪٿي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني نه ڪري رهيو هجي ته ائين هرگز نه آهي.