ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا رليف ٽائيگر فورس ۾ نوجوانن ۽ زندگي جي مختلف ش??بن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ڀرپور شرڪت ۽ متاثر ماڻهن جي خدمت جو جذبو نهايت حوصلي وارو آهي، آزمائش جي ان گهڙي ۾ ڀرپور عوامي خدمت جو جذبو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار وزيرا??ظم عمران خان پاڪستان تحريڪ ??نصاف جي بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.