اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جرمني سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل جمهوري قدرن ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان خطي جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ميڊيا کي ??زادي حاصل آهي، جرمني جي فلم ساز ۽ ڊرامه پروڊيوسرز پاڪستان اچن ۽ ڪئميرا جي اک سان هماليه سلسلي جي خوبصورتي دريافت ڪن. اها ڳالهه هن جرمني جي سفير برن هارڊ اسٽيفن شليگ هيڪ سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن فلم ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جرمني جي فلم ۽ ڊرامه پروڊيوسرسز ايسوسيئيشنز سان زوم ميٽنگ جي انعقاد جي ??جو??ز ڏني، هن چيو ته پاڪستان ان پهرين ايشيائي ملڪن ۾ شامل آهي جنهن جرمني سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، هن چيو ته علامه اقبال جا جرمني سان لاڳاپا ۽ هيڊلبرگ جي باري ۾ سندس شاعري کي ??جاگر ڪرڻ بابت وڊيو فلم جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي ??جو??ز جوائنٽ پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي شعبن ۾ تعاون کي ??گهه بخشيندي.