اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وچ اوڀر جي موجوده بگڙجندڙ صورتحال جو گڏيل قومون فوري نوٽيس وٺي فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت کي روڪرائڻ لاءِ عملي قدم ??ڻن. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ ع??ام فلسطين ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اڄ جمعي ڏينهن پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ ظلم بربريت جي خلاف احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، هن چيو ته احتجاجي مارچ گڏيل قومن جي آفيس تائين ڪيو ويندو جتي گڏيل قومن جي نمائندي کي قومي اس??مب??ي ۾ 17 مئي تي متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد پيش ڪئي ويندي، قرارداد ۾ فلسطين ۾ معصوم ۽ بي گناهه ع??ام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جو فوري نوٽيس وٺي ۽ جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ قدم ??ڻي.