پشاور – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته مخالف ڌر جي لُٽ مار جي ڪري پاڪستان قرضي ٿيو، ماضي جي حڪمرانن جي شاهه خرچين سان خرچ وڌيا، وزيراعظم پنهنجي گ??ر ۾ رهندو آهي ڪا ڪيمپ آفيس نه آهي، تحريڪ انصاف جو شروع کان موقف رهيو آهي ته چونڊون اوپن بيلٽ جي ذريعي ٿيڻ گهرجن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳا??هائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته سڄي ملڪ ۾ صح?? جي نظام ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون. صح?? ڪارڊ بنا ڪنهن فرق هر خاندان کي ڏنو پيو وڃي، پر سنڌ ۾ صح?? جو نظام گهڻو خراب آهي. هن چي?? ته خيبرپختونخوا ۾ 8 سالن کان اسان جي حڪومت آهي، صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هر شعبي ۾ ڪم ڪيو.