اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته پاڪستان عالمي تعاون لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان ن??وي گ??ڻ قومي امن مشق 2021ع جو اهتمام ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته بحري مشق ۾ سڄي دنيا جي 42 کان وڌيڪ بحري فوجون حصو وٺي رهيون آهن، اهو علائقائي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان حڪ??مت پاڪستان جي ويزن جي عڪاس آهي. هن بحري مشق ۾ حصو وٺندڙ سمورن شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد پيش ڪئي.