اسلام آباد 211; 01 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر لٽيل دولت تي اين آر او گهر?? رهي آهن ۽ پرڏيهي طاقتون ??اڪ??تان کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون ڪر?? رهيون آهن، ??اڪ??تان خوشحالي طرف گامزن آهي. ??اڪ??تان اڳتي وڌندو ۽ دشمن جا ناپاڪ عزائم ناڪام ٿيندا، 27 فيبروري سڄي ملڪ جي جيت هئي. اها سمورين سياسي پارٽين ۽ محب وطن ماڻهن جي جيت هئي، ان ڏينهن دنيا ۾ مودي جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ ??اڪ??تان جو قد اونچو ٿيو، ايندڙ ڀارتي نسل پاڪ فوج جي شاهينن جي ڪارنامن کي ڪڏهن فراموش نه ڪندو، پاڪ فوج جي شاهينن ڀارت جي مذموم عزائم کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. ڀارت جڏهن به جارحيت جي ڪوشش ڪئي ??اڪ??تان ان کي ڀرپور جواب ڏنو ۽ ان جي ناپاڪ عزائم کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي پريس انفارميشن ڊيپارٽمنٽ (پي آئي ڊي) ۾ پريس ڪانرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.