اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) عوام آڏو اهڙو بيانيو پيش ڪري رهي آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه ??هي?? مسلم ليگ (ن) ڦرلٽ ۽ ڪرپشن کانسواءِ هن ملڪ ۾ ڪجهه نه ڪيو، اها بارودي سرنگهون وڇائي وئي هئي، گذريل حڪومت عوام سان دشمني کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، نواز شر??ف جي حڪومت بجلي جي شعبي ۾ مهانگا ڪانٽريڪٽ ڪيا، بجلي مهانگي ٿيڻ جو بنيادي سبب نواز شريف حڪومت جا معاهدا آهن، حڪومت جي نيت ٺيڪ هئي ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، حڪومتي آمدني ۽ خرچ متوازن آهن، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو لازوال مظهر ??هي?? سي پيڪ منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا، هي ڄاڻين ٿا ته جيڪڏهن حڪومت ڪامياب ٿي وئي ته انهن جو ڪو مستقبل نه هوندو، وزيراعظم عمران خان اهڙو ليڊر آهي جنهن تي جيترو پريشر وڌو وڃي اهو ايترو مضبوط ٿيندو ويندو ??هي?? عمران خان جهڙو ايماندار ليڊر ملڪ کي پهريون ڀيرو مليو ??هي?? مسلم ليگ (ن) جيڪو بيانيو شروع ڪيو آهي ان سان انهن تي ٺهندڙ ڪيسن جو ڪو تعلق نه ??هي?? سي پيڪ اٿارٽي جي قانون کي 15 کان 20 ڏينهن ۾ پاس ڪر??ئي وٺنداسين، هر سطح تي نواز شر??ف جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، لسانيت جي ذريعي هي بين المذاهب هم آهنگي کي به متاثر ڪرڻ جي ڪ??شش ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان ڏسي رهيا آهيون ته اڄڪلهه هر طرف پريس ڪانفرنس ٿي رهي ??هي?? مسلم ليگ (ن) جا ترجمان وڏي وثوق سان عوام آڏو ڪوڙ ڳالهائين ٿا، عوام آڏو هڪ اهڙو بيانيو پيش ڪيو پيو وڃي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي ۽ هي پنهنجي گناهن تي پردو وجهڻ جي ڪ??شش ڪن ٿا، عوام جي مفاد جا ٺيڪيدار پنهنجون حڪومتون هلائي چڪا آهن، انهن عوام دشمني کانسواءِ ڪو ڪم نه ڪيو.