اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي بئنڪنگ شعبي تي زور ڏنو آهي ته صارفين کي سهولتون فراهم ڪرڻ، انهن جي مسئلن ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ وڌيڪ موثر قدمن کنيا وڃن، بئنڪنگ محتسب صارفين کي مفت ۽ فوري شڪايتن جي ازالي جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، بئنڪنگ محتسب جي ڪم ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهي پيدا ڪ??ڻ جي ضرورت آهي، بئنڪاري نظام تي صارفين جي اعتماد ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ سان معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۾ ??دد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بئنڪنگ محتسب جي اهتمام هيٺ هڪ سيمينار جنهن ج?? عنوان ”بئنڪنگ محتسب تڪرارن جي حل جو متبادل فورم“ کي خطاب ڪندي ڪيو.