اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي ۾ حڪومتي مراعاتي پئڪيج جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين ۽ مختلف هائوسنگ منصوبن جي تعمير جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي ??زي?? محمد حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي ??زي?? سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي ??زي?? شيخ رشيد احمد، اطلاعات واري خاص معاون ليفٽينن?? جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽينن?? جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي نمائندگي ناليواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب ڪري رهيو هو. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي. ڪورونا جي ڪري نه رڳو علا??قا??ي پر سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي پر حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري جتي ڪورونا جي نقصانن کي هر ممڪن حد تائين روڪيو ويو اتي ڪورونا ۾ گهٽتائي آڻڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌي رهيون آهن. ان حوالي سان عارف حبيب فرٽيلائيزرز، اسٽيل جي شعبي، ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ جول??ءِ جي مهيني ۾ سامهون ايندڙ بهتري بابت ??زي??اعظم کي بريف ڪيو. عارف حبيب ڪاروباري برادري ۽ خاص طور تي تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي نمائندگي ڪندي حڪومت پاران مراعاتي پئڪيج، سهولتڪاري ۽ نظام کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان ??زي??اعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت پاران تعميرات جي شعبي ۾ تاريخي مراعتن ۽ سهولتڪاري سان ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.