اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خراج ??قي??ت پيش ڪندي چيو آهي ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو سنهري حصو بڻجي سدائين ياد رهنديون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽ?? تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خراج ??قي??ت پيش ڪريون ٿا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو سنهري حصو بڻجي سدائين روشن رهنديون. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته هن انهن سورن جي ستايل ماڻهن جي زخمن تي مرحم رکيو جن کي ??عا??رن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.