اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گئس ج?? محدود وسيلن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور ??ي مستقبل تي نظر رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي، گئس بابت معاملن جو تعلق ڪنهن هڪ شعبي يا علائقي س??ن نه پر پوري ملڪ جو معاملو آهي، اهي سمورا معاملا مفادن جي ڪائونسل جي س??مهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گئس جي شعبي بابت معاملن جي حوالي س??ن اجلاس جي صدارت ڪندي ??يو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ گئس جي گهرج ۽ پهچ، گئس انفرااسٽرڪچر، گئس جي شعبي ۾ درپيش مسئلن ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ?? رکندي لائحه عمل جي حوالي س??ن تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص معاون نديم بابر ملڪي س??ح تي گئس جي پيداوار، ملڪي ضرورتن، درآمد ٿيل گئس جي مقدار، قيمت ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ?? رکندي ??هرج ۽ پهچ جي ڪاٿي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي ??يو ته گئس جي شعبي ۾ هڪ طرف وڌندڙ گهريلو ۽ صنعتي شعبي جون ضرورتون ۽ ٻي طرف مقامي طور ??ي موجود گئس ج?? محدود ذخيرن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي ويجهي مستقبل جي صورتحال کي نظر ?? رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي.