اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيش?? جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهيون، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي، انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ترقياتي خرچ وڌايا وڃن، روزگار جا ڀرپور موقعا پيدا ڪيا وڃن، صوبائي حڪومتون صنعتي شعبي ۽ زراع?? جي ترقي، غيرضروري حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ صح?? جي شعبي جي اپ گريڊيشن تي خاص ڌيان ڏ??ن. هن اهڙئن خيالن جو اظهار وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ??ي مالي سال 21 – 2020ع ??ي مجوزه بجيٽ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وخزير محمود خان ??ي معاشي ٽيم پنهنجي پنهنجي صوبن جي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ بجيٽ جي حوالي سان زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ترجيحن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هن و??ت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيش?? جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ترقياتي خرچ وڌايا وڃن.