ڪوئيٽا – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بلوچستان کي ترقي ڏيڻ آهي، بلوچستان پاڪستان جو اهم جز آهي جنهن کي نظراندز نٿو ڪري سگهجي، چئلينجز وڏا ??هن پر اسان کي پي ٽي وي کي بي بي سي جي طرز تي متحرڪ بڻائڻو آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن کي به دنيا جي ميڊيا هائوسز سان ڳن??ين??اسين، ڪارڪن ۽ آرٽسٽ اثاثو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي بولان جي لائيو پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.