اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي روانگي واپار ج?? فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ??ابينا کان منظور ڪيل اي ڪامرس پاليسي ۽ نيشنل ٽيرف پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن پاليسي تي عملدرآمد ٿئي ۽ ان جي ثمرن کان ڪاروباري برادري فائدو کڻي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته روانگي واپار وڌ??ئڻ جي ڏس ۾ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ڪردار جو تعين ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامرس ڊويزن جي ڪارڪردگي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.