اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف صحت جي عالمي ڏينهن ت?? پهرين همراز ايپلي ڪيشن ۽ هيلپ لائين شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ??ه شهرين جي ڀلائي ۽ ذهني صحت جي بهتري لاءِ اها ايپ انتهائي مددگار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته صحت جي عالمي ڏهاڙي تي همراز ايپ جاري ڪئي وئي، شهرين جي ڀلائي ۽ خاص طور تي ذهني صحت اسان جي معاشري جي بهتري لاءِ اهم آهي. هن چيو ته اسان کي ذهني صحت بابت اڻوڻندڙ سلوڪ کي ختم ڪرڻو پوندو.