اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي منصوبن جي حوالي سان منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ??نج??يئرنگ ڪائونسل پاڪستان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت وارن گه??ن جي حوالي سان قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صوبن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ??وڊ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت وارن گه??ن جي حوالي سان هڪجهڙي معيار تي ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پاڪستان ??نج??يئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سنڌ صوبي ۾ هائوسنگ منصوبن جي حوالي سان هيستائين مليل منظورين ۽ ايراضي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته هن وقت تائين 25607 درخواستون مليون ??هن، جيڪي 120.84 ملين چورس فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان هيون، انهن درخواستن مان 17572 درخواستون منظور ڪيون ويون ??هن، جنهن جي زمين 64.29 ملين چورس فوٽ آهي، منظور ٿيل منصوب?? ۾ ??هائشي منصوبن جي ايراضي 46.09 ملين چورس فوٽ جڏهن ته ڪمرشل تعميرات جي ايراضي 17.56 ملين چورس فوٽ آهي، باقي ايراضي تي تعميراتي منصوبن جون ??رخواستون ??ور هيٺ آهن. سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ صوبي ۾ هيستائين پبلڪ سيل جي تقريبن 33 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي.