اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، پاڪستان جي عوام ڪشميري عوام جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهندي آهي، ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ڀارت جي انسانيت لڄائيندڙ ظلم جي ??وري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت جي ??اشٽ نظريي تي ڪاربند مودي سرڪاري ڪشمير سميت سڄي ڀارت ۾ اقليتن تي زندگي تنگ ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي ??جموجي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشميري عوام جي ڏک کي پاڪستان جي عوام پنهنجو ڏک سمجهندي آهي. ڀارت جو ڪشميري عوام تي ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلم جي ??وري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت جي ??اشٽ نظريي تي ڪاربند مودي سرڪاري ڪشمير سميت سڄي ڀارت ۾ اقليتن جي زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان سڄي دنيا آگاهه آهي، عالمي برادر?? کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جو ڪ??س بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. موجوده پارليامينٽ ڪشمير جي ??سئل?? کي سڀني علائقائي ۽ عالمي فورمز تي به ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي.