ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلمان ام?? جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کانسواءِ فڪري ۽ سائبر حملن سميت جديد جنگي محاذن تي موثر مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري اطلاع ۽ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڀرپور قومي تيارين تي زور ڏنو آهي. هن عراق ۾ آمريڪي مداخلت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران تازي مواصلاتي بندشن جو ذڪر ڪ??دي چيو آهي ته مسلمانن کي پنهنجي اخلاقي قدرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي جيڪي دنيا ۾ سلامتي ۽ عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ ايترائي اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پي اي ايف ايئر وار ڪاليج کي انسٽيٽيوٽ جو درجو ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. جنوري 1959 تي ان اسٽاف ڪاليج جو ان وق?? جي صدر محمد ايوب خان افتتاح ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جيڪو هن انسٽيٽيوٽ جو پهريون چانسلر ??هي?? تنهن معياري پيشيوراڻي تربيت ۽ تعليم سان گڏوگڏ اخلاقيا?? جي اهميت تي به زور ڏنو. مل?? جي مضبوط دفاعي نظام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا ۾ دفاعي شعبي ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تي پورو لهندي آهي. هن دفاعي تعليم ۽ تربيتي انسٽيٽيوٽ جي صلاحيت ۾ اضافي سان گڏوگڏ جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجيز سان پاڻ کي ليس ڪيو آهي جنهن سان کيس بهترين دفاعي حڪمت عملين کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.