اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪشمير هاڻي آزادي طرف ويندو ڇو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم ذريعي ڪشميرين کي دٻائڻ جا ڀارتي ارادا ناڪام ٿي ويا آهن. ڪشسمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي جمعي ڏينهن ڪوٽلي ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ نجي ٽي وي چينل (هم نيوز) سان ڳالهائيندي وزيراع??م چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي ڪشميرين کي ڪرش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪشميرين جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا. هن چيو ته ڪشميرين کي وڌيڪ عرصي تائين نه ٿو دٻائي سگهجي. وزيراع??م چيو ته تاريخ مان ثابت ٿيو آهي ته ڪنهن آبادي کي وڌيڪ عرصي تائين دٻائي نه ٿو سگجي ۽ جڏهن ڪا قوم آزادي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته ڪا به طاقت ان کي نه ٿي دٻائي سگهي. هن چيو ته دنيا ڪشمير مسئلي جي سنجيدگي کي سمجهيو آهي جيڪو گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل سميت عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي انهي لاءِ پراميد آهيان ته هاڻي اهو آزادي طرف ويندو. يورپي يونين جي ڊس انفوليب جي انڪشافن بابت وزيراع??م چيو ته ڀارت پاڻ کي هڪ وڏو ملڪ ۽ وڏي م??رڪ??ٽ هجڻ جي واويلا ڪري ٿو جنهن پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ ??ي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بي مثال عالمي پذيرائي ملي. هڪ سوال تي وزيراع??م چيو ته مون کي يقين ڪونهي ته ب??ئيڊن انتظاميا ڪشمير تڪرار تي ثالثي ۾ شامل ٿيندي جهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ آڇ ڪئي هئي جڏهن ته هن چيو ته ان مسئلي جي حوالي سان دنيا ۾ شعور موجود آهي، 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشمير مسئلي تي ٽي ڀيرا بحث ڪيو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو هڪ عالمي ايشو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت جي لاءِ هاڻي ظلم جاري رکڻ م??ڪل ٿيندو ڇو ته دنيا صورتحال جو مشاهدو ڪري رهي آهي. پاڪستان ڀارت کي ان شرط تي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ته هو آرٽيڪل 370 کي بحال ڪندي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪري.