اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جو اقتدار سنهري دور هو پر افسوس ته نوجوا?? نسل کي ان جي باري ۾ خبر ناهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان سنهري دور تي فلم ۽ ڊ??ام?? ٺاهي پروپيگنڊا ڪندڙن جي ارادن کي ناڪام بڻايو وڃي، پاڪستاني ڊراما 80ع جي ڏهاڪي تائين پوري دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هئا، پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري کي مقامي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه?? ته جيئن اولهه کان متاثر نوجوا?? نسل کي پنهنجي اصل ثقافت کان آگاهي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمال تيڪدين جي قيادت ۾ مشهور تر?? ڊراما سيريل ارتغرل جي باني ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.